اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير پاران سي پي اين اي هائوس جو دورو، سنڌ حڪومت پاران سي پي اين اي کي هڪ ڪروڙ روپين جي گرانٽ ان ايڊ چيڪ پيش

0
857

اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير پاران سي پي اين اي هائوس جو دورو، سنڌ حڪومت پاران سي پي اين اي کي هڪ ڪروڙ روپين جي گرانٽ ان ايڊ چيڪ پيش

سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، بجيٽ ۽ نان بجيٽ رهتن جي ادائگي جي لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن: سيد ناصر حسين شاهه

ميڊيا ورڪرن کي ادارن مان نه ڪڍيو وڃي ۽ انهن کي وقت سر پگهارون ڏنيون وڃن: صوبائي وزير پاران ميٽ دي ايڊيٽرز کي خطاب

(ڪراچي 20 مارچ 2021) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصرحسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي. بجيٽ ۽ نان بجيٽ رهتن جي ادائگي جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات سي پي اين اي هائوس تي ”ميٽ دي ايڊيٽرز“ سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ميديا هائوسز ۽ ميڊيا ورڪرن جي ڀرپور مدد ڪرڻ هدايت ڏني آهي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه به چاهي ٿو ته ميڊيا هائوسز جا مسئلا حل ٿين. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز سان سهڪار جاري رکندي ۽ گذارش ڪئي ته ميڊيا ورڪرن کي ادارن مان نه ڪڍيو وڃي ۽ انهن کي وقت سر پگهارون ڏنيو وڃن. صوبائي وزير چيو ته ميڊيا هائوسز کي ميڊيا ورڪرن کي وقت سر پگهارن کي يقيني بڻائڻ لاءِ 85 سيڪڙو براهه راست ميڊيا کي ادائگيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت صرف 15 سيڪڙو ايڊورٽائيزنگ ايجنسين کي انهن جي ڪميشن جون ادائگيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته هن چيو ته اشتهارن جي منصفانه ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ اطلاعات کاتي پاران ميڊيا ورڪرن جي سيلري اڪائونٽ ۾ براه راست ايڊوانس ادائگيون ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي هئي پر اسان جا آفيسر ڪجهه ادارن جي خوف کان ان تجويز تي عمل ڪرڻ کان گهٻرائي رهيا هئا جنهن ڪري ان تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ميڊيا هائوسز سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا اسان انهن کي ويلڪم ڪيون ٿا پر اسان جي موقف کي به مناسب جڳهه ڏني وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي ميگا ترقياتي منصوبن کي به هائي لائٽ ڪيو وڃي. ملڪ جي سياسي صورتحال تي گفتگو ڪندي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شخصي فيصلا نه ٿيندا آهن پيپلز پارٽي جا فيصلا اڪثريت جي راءِ سان سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ۾ ٿيندا آهن. استعيفن تي فيصلو به سي اي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته پي ڊي ايم جي اتحادي جماعتن ۾ اختلاف راءِ موجود آهي، سمورين جماعتن جو پنهنجو پنهنجو منشور آهي ۽ هڪٻئي جا سياسي حريف به رهيا آهن جڏهن چونڊون ٿينديون آهن ته پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تي حصو وٺندا پر پي ڊي ايم هن وقت گڏ آهي ۽ موجوده وفاقي حڪومت کي وڏي برائي سمجهن ٿا، جيستائين نا اهل وفاقي حڪومت مان جان نه ٿا ڇڏايون اسان گڏجي رهندا سين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آءُ هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سمجهان پيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي تعريف ڪئي ويندي ۽ پيپلز پارٽي جي حوصله افزائي ڪئي ويندي. سموريون جماعتون ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي حق ۾ هيون پر پاڪستان پيپلز پارٽي تجويزڏني ته ضمني چونڊون ۽ سينيٽ ۾ ميدان خالي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته پوري پاڪستان جي ضمني چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي جماعتن ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته نوشهره ۾ حڪمران جماعت پنهنجي ئي سيٽ هارائي وئي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي مترادف آهي. هن چيو ته چيئرمين سينيٽ جي مقابلي ۾ به پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوارن ۾ سيد يوسف رضا گيلاني 48 ووٽ کنيا پر پرزائيڊنگ آفيسر غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلو ڏنو. جنهن کي اسان چيلينج ڪيو آهي، جڏهن فيصلو ايندو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي سيٽ سنڀاليندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مشورن سان پي ڊي ايم کي ڪاميابيون مليون آهن. پر اچانڪ لانگ مارچ کي استعيفائن سان مشروط ڪيو ويو. هن چيو ته استعيفائن جو آپشن ضرور هيو پر اها ڳالهه ڪٿي به نه ٿي هئي ته لانگ مارچ شروع ٿيندو ته استعيفائون ڏنيون وينديون. ان موقعي تي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته ڪتن جي ڪٽڻ جي حوالي سان عدالتي فيصلي تي اسان کي اعتراض آهي. عدالتي فيصلي تي وڌيڪ نه ٿا ڳالهائي سگهون. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ڪراچي شهر جو آهي، پر وفاقي حڪومت ان تي ڪو به توجهه نه ڏنو، صرف اعلانن تائين محدود آهي. نواز شريف ۽ هاڻي موجوده وزيراعظم گرين لائين بس جا اعلان ڪيا پر اڃا تائين انفرا اسٽرڪچر نه بڻيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ روڊن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ اڃا وڌيڪ روڊن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پر روڊن جا مسئلا ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي ڪري آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪجهه روڊ ڪي ايم سي ۽ ڪجهه روڊ ڊي ايم سيز جي ذميواري آهي، پر ڪي ايم سيز ۽ ڊي ايم سيز پنهنجي آمدني وڌائڻ ۾ ماضي ۾ ناڪام رهيا آهن. ايڊمنسٽريٽر جي مقرري کانپوءِ بهتري آئي آهي. اسان ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو آهي ۽ نه ئي ڪو ٽيڪس وڌايو آهي. ان جي باوجود ڊي ايم سيز ۾ ريڪارڊ بچت ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ٽن اسپتالن جي لاءِ وفاق ڪا به رقم مختص نه ڪئي آهي. سنڌ حڪومت جڏهن انهن اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀاليو ته هنن جي بجيٽ 700 ملين روپيا هو پر هاڻي انهن جي سالياني بجيٽ 15 هزار ملين روپيا آهي، سنڌ حڪومت مريضن کي مفت علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آبپاشي جي آپريشنل حدن ۾ حددخلين خلاف عدالتي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو، پر آپريشنل حدن کان ٻاهر جتي آبادي آهي، اتي عدالت ۾ نظر ثاني جي اپيل دائر ڪئي ويندي. ان موقعي تي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سي پي اين اي کي سنڌ حڪومت طرفان هڪ ڪروڙ روپين جي گرانٽ ان ايڊ چيڪ پيش ڪيو ويو. ان کان اڳ سي پي اين اي جي جنرل سيڪريٽري عبدالجبار خٽڪ ميڊيا هائوسز جي مسئلن ۽ مشڪلاتن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اشتهارين جي ورهاست ۽ ادائگين جي عمل کي شفاف بڻايو وڃي ۽ ميڊيا هائوسز جون رهتون ادا نه ڪندڙ ايڊورٽائيزنگ ايجنسين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت ۽ بالخصوص اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سي پي اين اي جي وڪيلن کي عدالت ۾ جاري توهين عدالت ڪيس روڪڻ جو چيو آهي، ان موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو،ڊائريڪٽر ايڊمن عظيم شاهه، ڊائريڪٽر اشتهارات عزيز هڪڙو ۽ ٻيا موجود هئا.

هينڊ آئوٽ نمبر..324ايف ايڇ بي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here